رنگين رباعيون

رنگين رباعيون

رنگين رباعيون

رنگين رباعيون (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور عالم ۽ شاعر، ڊاڪٽر هـرو مل سدارنگاڻي ’خادم‘ جي رباعين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو انتساب سدارنگاڻي صاحب، شاهه عبداللطيف جي قدمن ۾ هيٺئين شعر سان ڪيو آهي:
ميدان سخن جا شاهه، اي شاهه شهمير!
عرفان جي عالم ۾ نه جهڙوڪ ڪبير!
سائل جو ڀرين معنيٰ جي موتين سان جھول،
ڪهڙو نه سخي آهين، ڪهڙو نه امير!
ڪتاب جي مهاڳ ۾ سدارنگاڻي صاحب، رباعيءَ جي فني سٽاءَ ۽ پنهنجي رباعين بابت تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. هن پنهنجي رباعين کان پهريان رباعيءَ جا مشهور 24 وزن/ بحر ڏنا آهن. هن مجموعي ۾ سدا رنگاڻي ’خادم‘ جون 194 رباعيون شامل آهن. ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب ميلارام واسواڻيءَ، سُندر پرنٽنگ پريس، اجمير مان ڇپايو ۽ ڊاڪٽر سدارنگاڻي، لجپت نگر، نئين دهليءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي ڇپائيءَ جو سال 1959ع ۽ ان جي قيمت هڪ روپيو آهي.


لفظ رنگين رباعيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو